ڄام ڪرن

ڄام ڪرن:ڄام ڪرن: هن جي حڪومت جو فقط ڏيڍ ڏينهن رهيو. ڄام علي شير جي وفات کانپوءِ ڄام ڪرن پنهنجن ڀائرن جي رضامندي ۽ اتفاق سان سنڌ جي ڄامن سمن جي خاندان مان نائون نمبر حاڪم بنيو، پر هن ۾ سڀني کي گڏ هلائڻ وارو مزاج موجود نه هو. حڪمران ٿيڻ کان پهرين ڄام ڪرن جا درٻار جي ڪن اميرن سان سخت اختلاف هئا، تنهنڪري حڪومت سنڀالڻ جي پهرين ئي ڏينهن، هن انهن اميرن جي قتل جو پروگرام ٺاهيو. ان ئي مقصد سان هن تخت نشيني جي ٻئي ڏينهن درٻار سڏائي ۽ خاص توڙي عام ماڻهن سان مختلف معاملن تي بحث ڪيو. گهڻي بحث بعد کاڌي جو دسترخوان وڇايو ويو، جيئن ئي کاڌي کائڻ بعد هيءُ پائخاني طرف ويو ته ڪجهه ماڻهن مٿس حملو ڪري ڏنو ۽ اميرن کي مارائڻ جي کڙڪ پوڻ تان هن کي قتل ڪيو ويو.


لفظ ڄام ڪرنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو